صفي الرحمن مبارڪپوري

Figures Subject Information
Title: صفي الرحمن مبارڪپوري
Short Discription: نسبي سلسلو: صفي الرحمن بن عبدالله بن محمد اڪبر بن محمد علي بن عبدالمؤمن بن فقير الله مبارڪپوري اعظمي.

ڄم: سند (سرٽيفڪيٽ) ۾ منهنجي ڄم جي تاريخ 6 جون 1943ع لکيل آهي، پر اهو هڪ اندازو آهي. تحقيق سان معلوم ٿيو ته سندس پيدائش 1942ع جي وچ ڌاري ڳوٺ حسين آباد ۾ ٿي، جيڪو مبارڪپور جي اتر ۾ هڪ ميل پري هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. مبارڪپور، اعظم ڳڙهه ضلعي جو هڪ مشهور علمي ۽ صنعتي شهر آهي.

تعليم: ننڍپڻ ۾ قرآن مجيد جو ڪجھ حصو پنهنجي ڏاڏي ۽ چاچي وٽ پڙهيائين ۽ 1948ع ۾ مبارڪپور جي مدرسه دارالتعليم مبارڪپور ۾ داخل ٿيا. اتي ڇهن سالن ۾ پرائمري ۽ مڊل جي نصاب جي تعليم مڪمل ڪئي. ڪجھ فارسي به پڙهيائين. ان کان پوءِ جون 1954ع ۾ مدرسه احياء العلوم مبارڪپور ۾ داخلا وٺي عربي ٻولي ۽ قوائد، صرف نحو ڪجھ ٻين فنن جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين. ٻن سالن کان پوءِ مدرسه فيض عام ”مئو“ پهتا. ان مدرسي کي علائقي ۾ هڪ اهم ديني درسگاهه جي حيثيت حاصل هئي ۽ ”مئو ناٿ ڀجن“ مبارڪپور کان 35 ميل پري آهي.

فيض عام ۾ سندن داخلا مئي 1956ع ۾ ٿي، جتي پنج سال گذاريائين. جتي هن عربي ٻوليءَ جا قوائد شرعي علوم ۽ فنون يعني تفسير، حديث، اصول حديث، فقه ۽ اصول فقه وغيره جي تعليم حاصل ڪئي. جنوري 1961ع ۾ سندن تعليم مڪمل ٿي ۽ کين باقائده شهادة التخرج (يعني تڪميلي سند) ملي. اها سند فضيلت في الشريعة ۽ فضيلت في العلوم جي سند هئي، تدريس ۽ افناء جي اجازت تي مشتمل هئي. سندن خوش نصيبي هئي جو کين تمام امتحانن ۾ سٺين مارڪن سان ڪاميابي حاصل ٿيندي هئي.

تعليم دوران هن بورڊ جي امتحانن ۾ به شرڪت ڪئي. فيبروري 1959ع ۾ مولوي ۽ فيبروري 1960ع ۾ عالم جا امتحان ڏنائين ۽ ٻنهي ۾ فرسٽ دويزن ۾ پاس ٿيا.

زندگيءَ جي علمي ۽ عملي ميدان ۾: 1961ع ۾ ”مدرسه فيض عام“ مان فارغ ٿي پهرين ضلعي الٰه آباد پوءِ ناگپور شهر ۾ درس وتدريس ۽ تقرير وخطابت جو ڪم شروع ڪيائين. ٻن سالن کان پوءِ مارچ 1963ع ۾ مدرسه فيض عام جي ناظم اعلى هن کي تدريس جي دعوت ڏني پر اتي وڏي مشڪل سان ٻه سال گذاريائين ۽ حالتن ان کان عليحده ٿيڻ تي مجبور ڪيو. ٻيو سال جامعة الرشاد اعظم ڳڙهه ۾ گذريو ۽ فيبروري 1966ع کان مدرسه دارالحديث ”مئو“ جي دعوت اتي مدرس ٿي ويا. هتي ٽي سال تدريس کان علاوه بحيثيت نائب صدر مدرس تعليمي ۽ داخلي انتظامن جي نگهداريءَ شريڪ رهيا.

آخري ڏينهن ۾ مدرسي جي انتظاميه ۾ اختلاف ٿي پيا. اهي اختلاف ڏسي عين عيد جي ڏهاڙي هن استعفى ڏئي ڇڏي ۽ مدرسه دارالحديث مان استعفى کي ڪجھ ڏينهن ئي گذريا مدرسه فيض العلوم ”سيوڻي“ ۾ وڃي مامور ٿيا. جيڪو ”مئو ناٿ ڀجن“ کان اٽڪل ست سئو ڪلو ميٽر پري مڌيا پريش ۾ هو.

”سيوڻيءَ“ ۾ سندن تقرري جنوري 1969ع ۾ ٿي. اتي درس ۽ تدريس کان سواءِ صدر مدرس طور مدرسي جا سڀ داخلي ۽ خارجي انتظام سنڀالي ورتائين. جمعي جو خطبو پڙهائڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ سندن معمول هو. چار سال اتي رهيا. 1972ع جي آخر ۾ سالياني موڪل تي ڳوٺ واپس آيا مدرسه دارالتعليم مبارڪپور جي رڪنن هتي تعليمي انتظام سنڀالڻ ۽ پڙهائڻ تي مجبور ڪيو ۽ کين اها آڇ قبولڻي پئي. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي پهرئين علمي گهر ۾ نيون ذميداريون سنڀالي ورتيون. ٻن سالن کان پوءِ جامعة سلفية جي ناظم اعلى مدرسه دارالتعليم جي سرپرست سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته کين جامعة سلفية منتقل ڪيو وڃي، جامعة جي خير خواهي ۽ پراڻن رابطن ڪري معاملو طئي ٿي ويو ۽ آڪٽوبر 1974ع شوال 1394هه ۾ جامعة سلفية هليا ويا. ۽ آخر تائين هتي ڪم ڪندا رهيا. ان کان علاوه ماهوار ”محدث بنارس“ جي اول دور کان آخر تائين ڪل ساڍا چار سال ايڊيٽريءَ جا فرائض به انجام ڏنائين.

تاليف: تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گذريل عرصي ۾ درس وتدريس سان گڏ تاليف ۽ تصنيف جو ڪم به جاري رکيائين مختلف مضمونن ۽ مقالن کان سواءِ اٽڪل ويهه عدد ڪتابن ۽ رسالن جي تاليف ۽ ترجمي جو ڪم ڪري چڪا آهن.

وفات: عالم اسلام جي هن عظيم رهنما شخصيت جو روح، پهرين ڊسمبر 2006 جمعي جي ڏينهن هندستان ۾ پنهنجي آبائي شهر مبارڪپور (اتر پرديش) ۾ جمعي نماز کان پوءِ الله رب العالمين جي طرف پرواز ٿيو. انا لله وانا اليہ راجعون.
Addition Date: 2006-03-16
Short Link: http://IslamHouse.com/7392
Related Topics ( 2 )
Go to the Top